تراب بروهي

تراب بروهي: شاعر تراب بروهي ولد مير شادي خان، محمد زئي مينگل بروهيءَ جو اصل نالو عبدالڪريم آهي، هن 15 جنوري 1913ع تي ڳوٺ قلي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سنڌي سميت اردو، سرائڪيءَ ليکڪ آهي. هن جو نظم ۾ هڪ ديوان بنا نقطن جي ۽ 10 ٻيا ديوان ترتيب ڏنل آهن، جن مان هڪ ديوان مفيد شاعريءَ موجب ديوان محمود نامه جي طرز تي کنيو آهي. جنهن جي هڪ غزل جي شعر جي هر مصرع جي منڍ ۽ پڇاڙيءَ ۾ رديف وارو اکر آندل آهي ۽ هڪ ديوان خود محمود نامه فارسي جو سنڌيءَ ۾ منظوم ترجمو آهي. هن شاعريءَ ۾ رهنمائي مولانا الله ثنائي'>ثناءُ الله ثنائي، حاجي محمود خادم، محمد صديق ’مسافر‘ کان ورتي. سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
اسان کي نٿي ڪل پوي دلربا جي
سندس راز جي، رمز جي ۽ رضا جي
فقط قرب سهڻا! آ درڪار تنهنجو
تڪيان ڪين ٿو، ماجرا مان قضا جي.


لفظ تراب بروهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو